تازہ ترین

پاڻي زندگي، پاڻيءَ جو رخ موڙيو ويو ته جنگي قدم سمجھيو ويندو: قومي سلامتي ڪاميٽي

پاڪستان سنڌ طاس معاهدي کي رد ڪرڻ واري ڀارتي هڪ طرفي اعلان کي رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل قومي سلامتي ڪاميٽيءَ جي اجلاس جي پڌرائي جاري ڪئي وئي.

سنڌ طاس معاهدي جي پڃڪڙيءَ تي عالمي برادريءَ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

پاڪستان سنڌ طاس معاهدي کي رد ڪرڻ واري ڀارتي هڪ طرفي اعلان کي رد ڪري ڇڏيو.

پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته پاڻي پاڪستان جو اهم قومي مفاد آهي ۽ 24 ڪروڙ پاڪستانين جي لائيف لائين آهي.

قومي سلامتي جي ڪاميٽيءَ موجب پاڪستان پنهنجي لائيف لائين جو هر قيمت تي تحفظ ڪندو.

قومي سلامتي ڪاميٽيءَ جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي ملڪيت پاڻيءَ جو وهڪرو روڪيو يا موڙيو ويو ته اهو جنگي قدم سمجھيو ويندو.

پڌرائيءَ ۾ چيو ويو ته پاڪستان طرفان ڀارت جي لاءِ جاري ڪيل سمورا سارڪ ويزا رد ڪيا ٿا وڃن.

ڀارتي هاءِ ڪميشن اسلام آباد جي سفارتي عملي جو انگ 30 تائين محدود ڪيو ويو آهي، جيڪو 30 اپريل تي لاڳو ٿيندو.

اجلاس ۾ ڀارت جي دفاعي، بحري ۽ هوائي صلاحڪارن کي 30 اپريل تائين ملڪ ڇڏڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو.

پڌرائيءَ موجب ڀارتي ملڪيت يا ڀارتي آپريٽرز جي سمورين اڏامن جي لاءِ پاڪستان پنهنجون هوائي حدون فوري طور بند ڪيون وينديون.

پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان ڪشمير جي مظلوم عوام جي اخلاقي حمايت جاري رکندو.

قومي سلامتي ڪاميٽي جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ هٿياربند فوج هر قسم جي اڳرائي جو مقابلو ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي.

قومي سلامتي ڪاميٽيءَ جي پڌرائيءَ موجب واهگه بارڊر رستي ڀارت سان سموري زميني اچ وڃ پڻ معطل هوندي.

ڀارت ۽ ڀارت جي لاءِ هر قسم جي واپار، ڀلي ٽئين ملڪ جي وسيلي ڇو نه هجي فوري طور معطل ڪيو پيو وڃي.

پاڪستاني قوم امن جي خواهشمند آهي، پاڪستاني قوم پنهنجي خودمختياري، سلامتي، عزت ۽ پنهنجي حقن تي ڪو ٺاهه نه ڪندي.

قومي سلامتي ڪاميٽي موجب پاڪستان سمورن ٻه طرفن معاهدين بشمول شملا معاهدي کي به معطل ڪرڻ جو حق رکي ٿو.

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com