ڀارت هڪ طرفو سنڌ طاس معاهدو معطل ڪيو، معاهدي جي معطلي کي رد ڪيون ٿا
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پاڪستان پاران ڀارت جي اڳرائي جو ڀرپور نموني جواب ڏيڻ جو اعلان.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان شفقت علي خان ميڊيا بريفنگ ڏيندي چيو ته پاڪستان جي فوج ملڪي سلامتي ۽ دفاع لاءِ مڪمل طور تيار آهي.
هن چيو ته ڀارت هڪ طرفو سنڌ طاس معاهدو معطل ڪيو، سنڌ طاس معاهدي جي معطلي کي رد ڪيون ٿا.
شفقت علي خان چيو ته سنڌ طاس معاهدو عالمي بئنڪ جي ٽياڪڙي سان ٿيو هو، ڀارت پاڪستان جو پاڻي روڪيو ته کيس ڀرپور جواب ڏنو ويندو.
پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڻي روڪڻ وارو ڀارت جو قدم جنگ برابر هوندو، گذريل ڏينهن قومي سلامتي ڪميٽي اجلاس ۾ ڀارت کي ڀرپور جواب ڏنو ويو.
هن چيو ته ڀارت جي رويي سبب علائقائي امن ۽ استحڪام کي نقصان جو خدشو آهي، واهگا بارڊر کي هر قسم جي اچ وڃ لاءِ بند ڪيو ويو آهي.
سارڪ اسڪيم تحت ڀارتي شهرين جون ويزائون معطل ڪيون ويون آهن، ويزا معطلي جو فيصلو پاڪستان ۾ موجود ڀارتي سک ياترين تي لاڳو نه ٿيندو
هن چيو ته ڀارتي هاءِ ڪميشن جي اسٽاف جو انگ گهٽائي 30 ڪيو ويو آهي، پاڪستان جون هوائي حدون ڀارت لاءِ بند ڪيون ويون آهن.