ٻئي ملڪ يقيني بڻائين ته حالتون وڌيڪ خراب نه ٿين: گڏيل قومن جو ترجمان اسٽيفن ڊوجارڪ
نيويارڪ (انٽرنيشنل ڊيسڪ) گڏيل قومن طرفان پاڪستان ۽ ڀارت کي صبر جو مظاهرو ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.
گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن ڊوجارڪ چيو آهي ته ٻئي ملڪ يقيني بڻائين ته حالتون وڌيڪ خراب نه ٿين.
پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ هر مسئلو بامعنيٰ گڏيل مشاورت سان پرامن طريقي سان حل ڪري سگهجي ٿو ۽ اهو ٿيڻ به گهرجي.