مارگٽ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي گاڏيءَ ويجھو بم ڌماڪيو ٿيو
ڪوئيٽا (نيشنل ڊيسڪ) ڪوئيٽا ۾ سيڪيورٽي فورسز جي بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي گاڏيءَ ويجھو بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ۽ 3 زخمي ٿي پيا.
نيوز ايجنسيءَ موجب ڪوئيٽا جي علائقي مارگٽ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي گاڏيءَ ويجھو بم ڌماڪيو ٿيو، نتيجي ۾ 4 اهلڪار شهيد ۽ 3 زخمي ٿي پيا.
ڌماڪي کان پوءِ سيڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي، جڏهن ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي عملي کي به طلب ڪيو ويو.