تازہ ترین

ڀارتي حڪومت پاران پهلگام حملي ۾ سيڪيورٽي ناڪاميءَ جو اعتراف

پهلگام حملي بعد ڀارتي حڪومت پاران گھرايل آل پارٽي اجلاس ۾ مخالف ڌر اڳواڻن جا سوال

ممبئي (انٽرنيشنل ڊيسڪ) ڀارتي حڪومت بند ڪمرو آل پارٽيز ڪانفرنس دوران پهلگام حملي ۾ سيڪيورٽي ناڪاميءَ جو اعتراف ڪري ورتو.

ڀارتي چينل ”انڊيا ٽوڊي“ جي رپورٽ موجب حڪمران پارٽي جي هڪ اڳواڻ مبينا طور اجلاس دوران مخالف ڌر اڳواڻن کي چيو ته جي ڪجھه غلط نه ٿئي ها، ته اسان هتي ڇو ويٺا هجون ها؟ ڪٿي نه ڪٿي ڪوتاهيون ٿيون آهن، جن جو اسان کي پَتو لڳائڻو آهي.

ڀارتي حڪومت والاريل ڪشمير جي سياحتي هنڌ پهلگام ۾ سياحن تي حملي ۾ 26 ماڻهن جي مارجڻ کان پوءِ مخالف ڌر اڳواڻن کي بريفنگ ڏيڻ لاءِ ڪل پارٽي اجلاس طلب ڪيو هو.

اجلاس دوران ڪيترن ئي مخالف ڌر جي پارٽين سيڪيورٽي پروٽوڪول جي ناڪاميءَ بابت سوال پڇيا.

انڊيا ٽوڊي موجب ڪيترن ئي اڳواڻن پڇيو ته سيڪيورٽي فورسز ڪٿي هئي؟ سينٽرل ريزرو پوليس فورس ڪٿي هئي؟

جواب ۾ حڪومت مبينا طور چيو ته مقامي حڪومت اننت ناگ ضلعي ۾ پهلگام ويجھو بيسرن علائقو کولڻ کان اڳ سيڪيورٽي ايجنسين کي اطلاع ڏنو هو، جيڪو عام طور جون مهيني ۾ امرناٿ ياترا تائين محدود رهندو.

واقعي تي دير سان ردعمل بابت به ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو، ذريعن موجب سرڪاري عملدارن وضاحت ڏني ته واردات وارو هنڌ 45 منٽن پنڌ جي مسافت تي واقع آهي ۽ فوري طور صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري طور معياري آپريٽنگ طريقيڪار (ايس او پي) موجود نه هئا.

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com