تازہ ترین

پاڪستان کي پهلگام واقعي سان ڳنڍڻ جي مذمت ڪريون ٿا: سينيٽ ۾ ٺهراءُ منظور

ڀارتي اڳراين تي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار طرفان پيش سينيٽ جي ايوان ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو ويو

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) ملڪي سينيٽ ڀارتي اڳراين خلاف گڏيل طور ٺهراءُ منظور ڪري ورتو آهي.

پرڏيهي وزير اسحاق ڊار طرفان پيش ڪيل ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان پهلگام واقعي سميت دهشتگردي جي هر شڪل ۾ مذمت ڪري ٿو.

پاڪستان کي پهلگام واقعي سان ڳنڍڻ جي مذمت ڪريون، پاڪستان تي ڪنهن حملي جي صورت ۾ ڀرپور جواب ڏنو ويندو، ڀارت کي پاڪستان سميت ٻين ملڪن ۾ دهشتگردي تي قابل احتساب بڻايو وڃي.

سينيِٽ چيئرمين يوسف رضا گيلانيءَ جي صدارت هيٺ سينيٽ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سوالن جو وقفو ملتوي ڪرڻ جي تحريڪ پيش ڪئي جيڪا ايوان گڏيل طور منظور ڪيو.

بعد ۾ پرڏيهي وزير ايوان کي پهگام حملي بعد ڀارتي اڳراين بابت ٿيل قومي سلامتي ڪاميٽي جي اجلاس جي فيصلن کان آگاهه ڪيو.

اسحاق ڊار چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي پهلگام ۾ سياحن جي مارجڻ تي مذمت ڪريون ٿا، ڀارت ان واقعي بعد معمول جيان پاڪستان تي الزام لڳايا، جنهن تي ڪالهه قومي سلامتي ڪاميٽي جو اجلاس سڏايو ويو.

پرڏيهي وزير چيو ته سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ واري ڀارتي فيصلي کي رد ڪريون ٿا، پاڻي 24 ڪروڙ پاڪستانين جي زندگي آهي، اڳڪٿيون آهن ته مستقبل ۾ جنگيون پاڻيءَ تي ٿينديون.

اسحاق ڊار قومي سلامتي جي فيصلن کان ايوان کي آگاهه ڪندي ٻڌايو ته ڀارت اٽاري سرحد بند ڪئي ته پاڪستان واهگه بارڊر کي فوري طور بند ڪري ڇڏيو.

سارڪ ويزا اسڪيم تحت پاڪستان ۾ موجود ڀارتي شهرين کي 48 ڪلاڪن ۾ ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏنو آهي پر سک پانڌيئڙن کي ڇوٽ مليل رهندي.

هن چيو ته پاڪستان ڀارت لاءِ هر قسم جي هوائي حدن کي بند ڪري ڇڏيو آهي، ڀارت دفاعي اتاشين کي ناپسنديده شخصيت قرار ڏيندي 30 اپريل تائين واپس وڃڻ جو حڪم ڏنو آهي.

اسحاق ڊار چيو ته ڀارت پاڪستاني قونصل خاني جي عملي کي 30 تائين محدود ڪيو ته اسان به ڀارتي قونصل خاني جي عملي جو انگ 55 مان 30 ڪيو آهي.

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com