ايئن پي لڳو ته ڀارت اڳ ئي پاڪستان تي الزام لڳائڻ تيار ويٺو هو، ڀارت سنڌ طاس معاهدو معطل ڪيو
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي اڳواڻ شازيا مريءَ چيو آهي ته ڀارت پاڪستان خلاف پروپيگنڊا ڪري رهيو آهي، ڀارت پاڪستان فوبيا جو شڪار آهي.
ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شازيه عطا مريءَ چيو ته ڀارت هميشه غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو آهي، ڀارت بنا ثبوتن جي پاڪستان تي پهلگام واقعي جو الزام لڳايو.
ڀارت پاران پاڪستان تي الزام لڳائڻ مذمت جوڳو عمل آهي، پاڪستان هڪ ذميوار ايٽمي ملڪ آهي، ڀاڙيسري کي تبديل نٿا ڪري سگهون، ڀارتي ميڊيا پروپئگنڊا ڪري پئي.
شازيا مري چيو ته پاڪستان پاڻ دهشتگردي جو شڪار رهيو آهي، دهشتگردي سبب پاڪستان کي به جاني ۽ مالي نقصان ٿيو.
هن چيو ته پاڪستان ۾ ته مسئلا آهن پر ڀارت ۾ ان کان به وڌيڪ مسئلا آهن، مودي پنهنجي ناڪامي لڪائڻ لاءِ پاڪستان تي الزام لڳائي رهيو آهي.
ڀارت کي ڪا غلط فهمي نه هجڻ گهرجي ته پاڪستان جواب نه ڏيندو، ڪنهن به واقعي جي جاچ بنا ڪو الزام نٿو لڳائي سگهجي.
هن چيو ته ايئن لڳي رهيو هو ته ڀارت اڳ ئي پاڪستان تي الزام لڳائڻ تيار ويٺو هو، ڀارت سنڌ طاس معاهدو ڪري ان کي معطل ڪيو.
شازيه عطا مري وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو، بلاول ڀٽو زرداري واضح چيو آهي ته سنڌو درياهه اسان جو آهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌو ۾اسان جو پاڻي وهندو يا انهن جو رت وهندو، سنڌو اسان جو آهي ۽ هميشه اسان جو ئي رهندو.
شازيه مري چيو ته ڪئنالن خلاف احتجاج ڪندڙن جو اسان احترام ڪيون ٿا، سنڌ ۾ زمينن واري مسئلي تي به اسان کي خدشا آهن، وفاقي حڪومت کي زمينن جي حوالي سان ڳالهين تي راضي ڪيو آهي.
سندس چوڻ هو ته ڳالهيون ڪرڻ جي حوالي سان هڪ ڪميٽي به جوڙي وئي آهي، ڪئنالن خلاف ڪو فيصلو ٿيو ته پوءِ اسان دمادم مست قلندر ڪنداسين.
شازيا عطا مريءَ جو چوڻ هو ته نگران حڪومت ارسا جو غلط سرٽيفڪيٽ جاري ڪرايو، اهو مسئلو رڳو اعلان سان نه پر سي سي آءِ مان ختم ٿيندو.