ڀارتي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا پروپئگنڊا ذريعي تاريخ نٿي مڙهي سگهي، اسان جو مذهب، رسمون، سوچ ۽ ارادا، هندن کان مختلف آهن
راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته ملڪ جو دفاع ڪرڻ ڄاڻون ٿا، اسان جي وڏڙن پاڪستان جي قيام لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون.
راولپنڊي ۾ پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ تقريب کي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته اسان جي وڏڙن ملڪ حاصل ڪرڻ لاءِ بي مثال جدوجهد ڪئي.
هن چيو ته ڀارتي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا پروپئگنڊا ذريعي تاريخ نٿي مڙهي سگهي، ٻه قومي نظريو هميشه کان پاڪستان جي وجود جو بنياد رهيو آهي.
آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته ٻه قومي نظريي تي ڪنهن به پاڪستاني کي ڪو شڪ ناهي، اسان جو مذهب، رسمون، سوچ ۽ عزم، هندن کان مختلف آهي.