سنڌو درياهه تي 6 ڪئنال وارو منصوبو سي سي آءِ مان رد ٿيڻ واري اعلان کان پوءِ ڌرڻا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌو درياهه تي 6 ڪئنال وارو منصوبو سي سي آءِ مان رد ٿيڻ واري اعلان کان پوءِ آل سنڌ لائرز ايڪشن ڪميٽي جو ٻٻرلوءِ باءِ پاس کان سواءِ ٻيا ڌرڻا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.
ٻٻرلوءِ ۾ آل سنڌ لائرز ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس ڪندي ٻٻر لوءِ باءِ پاس کان سواءِ ٻيا سمورا ڌرڻا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
سرفراز ميتلو چيو آھي ته مرڪزي ڌرڻو ٻٻرلوءِ ۾ 12هين وڳي تائين جاري رھندو باقي ٻيا ڌرڻا ختم ڪيا ويندا.
تڪراري ڪئنال رٿا جو خاتمو سڀني جي ڪاميابي آھي، سمورين تنظيمن جي سھڪار جو ٿورائتو آھيان.