تازہ ترین

گڏيل مفادن وراي ڪائونسل مان ڪئنال رد ڪرائڻ بعد وڏي وزير جي ڪراچي ايئرپورٽ تي آجيان

صوبائي وزيرن، چونڊيل نمائندن ۽ جيالن  پاران سيد مراد علي شاهه جي شاندار آڌرڀاءُ ڪيو ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گڏيل مفادن وراي ڪائونسل مان ڪئنال رٿا رد ڪرائڻ بعد وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ڪراچي ايئرپورٽ آمد.

صوبائي وزيرن، چونڊيل نمائندن ۽ جيالن  پاران سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي شاندار آجيان ڪئي وئي، جيئي ڀٽو، جيئي بلاول جي نعرن جي گونج.

سي سي آءِ ۾ سنڌ جو ڪيس ڀرپور نموني پيش ڪرڻ تي وڏي وزير جِي واکاڻ.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته ڪئنال رٿا واپس ٿي وئي، سڄِي سنڌ جي عوام کي واڌايون ڏيان ٿو.

هن چيو ته سنڌ حڪومت مئي ۽ جون  ۾ٻنهي منصوبن کي چيئلنج ڪيو،  سنڌ حڪومت جو ڪئنالن بابت پهرين ڏينهن کان موقف واضح هو.

ڪئنالن تي پروپيئگنڊا ڪندڙ منهن ڀر ڪريا آهن، بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعظم سان ملاقات ڪئي ۽ مسئلو حل ڪرايو.

وڏي وزير چيو ته گڏيل اتفاق راءِ کان سواءِ ڪو به ڪئنال نه ٺهندو، سمورن صوبن کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو ويندو، ڪو به ڪئنال صوبن جي گڏيل رضامندي کان سواءِ نه ٺهندو.

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com