آءِ جي سنڌ پاران منشيات فروشي ۽ ڪپرشن جي الزام ۾ لاڙڪاڻي جا 3 پوليس آفيسرن معطل
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ پاران ڪرپٽ ۽ منشيات فروشيءَ ۾ ملوث پوليس آفيسرن خلاف ڪارروايون تيز، لاڙڪاڻي جا 3 پوليس آفيسرن معطل، بي ڪمپني ڪراچي ھيڊ ڪوارٽر حوالي.
آءِ جي سنڌ پاران انسپيڪٽر منير احمد سمون، انسپيڪٽر وحيد ابڙو کي معطل ڪيو ويو.
ايس آءِ پي امداد علي شيخ به معطل، بي ڪمپني ھيڊ ڪوارٽر گارڊن رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.
آءِ جي سنڌ پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته معطلي دوران پوليس آفيسر پگھار ۽ الائونس کڻندا رھندا.