سنڌ هاءِ ڪورٽ گھرو کاتي کي پاران گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي يقيني بڻائڻ جي هدايت
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران عدالت پڇاڻو ڪيو ته سرجاني ٽائون مان گم ٿيل مظفر علي بابت ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي؟ جنهن تي گهرو کاتي جي فوڪل پرسن چيو ته گم ٿيل شهري جي خاندان کي مالي مدد لاءِ سمري منظور ڪئي وئي آهي.
عدالت چيو ته گم ٿيل ماڻهن جو ڪيس انتهائي اهم آهي، عدالت گم ٿيل ماڻهن جي ڪيسن جي سلسلي ۾ پوليس جي قانون ۾ 3 مهينن اندر سڌارا آڻڻ جو حڪم ڏنو.
سرڪاري وڪيل چيو ته جيڪڏهن مهلت ڏني وڃي ته گم ٿيل ماڻهن جي خاندانن کي مالي مدد فراهم ڪئي ويندي.
عدالت پڇاڻو ڪيو ته پهريان توهان چئي رهيا هئا ته مالي مدد 2 هفتن ۾ ڪئي ويندي، هاڻي وڌيڪ وقت ڇو گهري رهيا آهيو؟ ڇا ادارا ماڻهن جي سهولت لاءِ ناهن ٺاهيا ويا؟ جنهن تي سرڪاري وڪيل چيو ته اهو ٻن يا ٽن کاتن جو ڪم آهي.
جسٽس ظفر احمد راجپوت پڇاڻو ڪيو ته ڇا انهن کاتن ۾ ڪو ڪم نه ٿيو آهي؟ گذريل 2 مهينن کان، توهان عدالت کان مهلت گهري رهيا آهيو، 15 ڏينهن جي مهلت ڏيون ٿا، ٻي صورت ۾ اسان سنڌ جي اڪائونٽنٽ جنرل کي طلب ڪنداسين. عدالت سرڪاري وڪيل کان 15 ڏينهن اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي
سچل ڳوٺ ٿاڻي جي حد مان گم ٿيل فدا حسين، ظهير ۽ عباس بابت ٻڌڻي ڪجهه وقت لاءِ ملتوي ڪئي وئي.
عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته توهان درخواست ڏيندڙ سان رابطو ڇو نه ڪيو؟ 3 ماڻهو گم آهن، گاڏي جو نمبر پڻ ڏنو ويو آهي، نه ماڻهو مليا ۽ نه ئي توهان کي گاڏي ملي سگهي.
عدالت جاچ آفيسر کي هدايت ڪئي ته درخواستگذار سان رابطو ڪريو ۽ فوري طور تي رپورٽ جمع ڪرائي وڃي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ شهري عارف جي گمشدگي بابت اڳڀرائي رپورٽ طلبي ورتي، عدالت گم ٿيل شهري بشير، شوڪت ۽ ٻين بابت به اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪئي.