سي سي آءِ اجلاس جي ڪارروائي ۾ سنڌ جي موقف جي فتح ٿي آهي: پ پ چيئرمين
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ سان وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ آبپاشي کاتي جي وزير ڄام خان شورو جي ملاقات.
اڳواڻن ۾ ملاقات دوران وڏي وزير پارٽي چيئرمين کي اجلاس بابت بريفنگ ڏني.
سيد مراد علي شاهه ۽ ڄام خان شوري تڪراري ڪئنال بابت لاڳيتو رهنمائيءَ تي پارٽي چيئرمين جا ٿورا مڃيا.
ڪراچي ۾ ٿيل ملاقات ۾ بلاول ڀٽو زرداري وڏي وزير ۽ ڄام خان شورو جي محنت جي واکاڻ ڪئي.
چيائين ته توهان ٻنهي شخصيتن جي محنت رنگ لاتو آهي، توهان آئيني ادارن آڏو سنڌ جو ڪيس ڀرپور انداز ۾ وڙهيو.
پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جو وڌيڪ چوڻ هو ته سي سي آءِ اجلاس جي ڪارروائي ۾ سنڌ جي موقف جي فتح ٿي آهي.