ڀارت پاڻيءَ سميت عالمي معاهدن ۽ عالمي قانونن کي مڃي ئي نٿو
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو آهي ته پاڪستان سڀ کان وڌيڪ دهشتگردي کان متاثر ٿيو آهي.
ڀارت پاڻي معاملي تي خطرناڪ محاذ کولي ڇڏيو آهي، اهڙي عمل سان ڀارت ايندڙ پيڙهين کي پاڻي جي هڪ نئين بحران طرف ڌڪي رهيو آهي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت عالمي معاهدن ۽ عالمي قانونن کي مڃي ئي نٿو.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڀارت انتهاپسند رياست بڻجي رهيو آهي، جنهن جا اثر پاڪستان ۽ خطي تي پئجي رهيا آهن.