پاڪستاني ۽ ڀارتي اختيارين سان جلد رابطو ڪيو ويندو: آمريڪي پرڏيهي ترجمان
واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪا پاڪستان ۽ ڀارت تي زور ڀريندي چيو آهي ته ڇڪتاڻ نه وڌايو، مسئلي جو حل ڪڍو.
آمريڪي پرڏيهي ترجمان ٽيمي بروس چيو آهي ته پاڪستاني ۽ ڀارتي اختيارين سان جلد رابطو ڪيو ويندو.
پاڪ ڀارت مسئلي تي ٻين ملڪن جي اڳواڻن سان به رابطا ڪندا، دنيا پاڪستان ۽ ڀارت جي صورتحال ڏسي رهي آهي، پاڪستان ۽ ڀارت صورتحال وڌيڪ خراب نه ڪن.