پاڪ فضائيه جي بروقت ڪارروائي تي واپس وڃڻ تي مجبور ٿي ويا
والاريل ڪشمير (انٽرنيشنل ڊيسڪ) ڀارتي رافيل جهازن جي والاريل ڪشمير ۾ پيٽرولنگ، پاڪ فضائيه جي ڪارروائي تي واپس وڃڻ تي مجبور.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل رات ڀارتي ايئر فورس جي 4 رافيل جهازن والاريل ڪشمير ۾ پيٽرولنگ ڪئي.
پاڪ فضائيه جي جهازن ڀارتي جنگي جهازن جي ترت نشاندهي ڪري ورتي.
پاڪ فضائيه جي وقت سر ڪارروائي سبب ڀارتي رافيل جهاز واپس وڃڻ تي مجبور ٿي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته پاڪ فوج ڪنهن به ڀارتي جارحيت کي هر وقت جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي.