وڪيلن جي درخواست تي عدالت ايس ايس پي ملير ڪاشف آفتاب عباسي ۽ ٻين تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملير جي عدالت ڪئنال رٿا خلاف احتجاج ڪندڙ وڪيلن مٿان تشدد ڪرڻ جو ايس ايس پي ملير، ڊي ايس پي ۽ ٻن ايس ايڇ اوز خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
وڪيلن جي درخواست تي عدالت ايس ايس پي ملير ڪاشف آفتاب عباسي ۽ ٻين تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
درخواست ۾ ڊي ايس پي بن قاسم منصور بوزدار، ايس ايڇ اوز علڻ عباسي، طاهر قادري ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو.
ملير ۾ ڪئنالن خلاف قومي شاهراهه تي وڪيلن جي ڌرڻي تي پوليس چڙهائي ڪري تشدد جو نشانو بڻايو هو.