صوبائي وزير پاران کاتي جي عملدارن کي جاري ترقياتي رٿائون هلندڙ سال جون تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ورڪس اينڊ سروسز ۽ جيل کاتي جي وزير علي حسن زرداري پاران لاڳاپيل کاتي جي عملدارن کي جاري ترقياتي رٿائون هلندڙ سال جون تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت.
سنڌ جي ورڪس اينڊ سروسز ۽ جيل کاتي جي وزير علي حسن زرداري جي صدارت هيٺ ترقياتي رٿائن بابت اجلاس ٿيو.
صوبائي وزير علي حسن زرداريءَ سنڌ جي مڙني ضلعن ۾ جاري ترقياتي رٿائن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
صوبائي وزير علي حسن زرداري چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ سنڌ جي سڀني ضلعن جا ترقياتي منصوبا شامل ڪيا ويندا.
صوبائي وزير، ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته سمورن ضلعن جي اسڪيمن جي ڪاغذي ڪارروائي مڪمل ڪري جلد رپورٽ پيش ڪئي وڃي.
صوبائي وزير علي حسن زرداري حيدرآباد، لاڙڪاڻو، سکر ۽ ميرپورخاص ڊويزن جي آفيسرن سان ملاقات پڻ ڪئي.