پاڪستان پاڻ پهلگام واقعي جي جاچ جي آڇ ڪئي، ڀارت دهشتگردي کي هٿي پيو وٺرائي
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڀارت جي پاڪستان اندر دهشتگردي ۾ ملوث هجڻ جا پڪا ثبوت موجود آهن.
ڀارت پاڪستان خلاف عالمي سازش ڪندو رهندو آهي، ڀارت جي الزامن جي آزاد جاچ ٿيڻ گهرجي.
ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سينيئر صوبائي وزير چيو ته پاڪستان پاڻ پهلگام واقعي جي جاچ جي آڇ ڪئي.
پهلگام واقعي سان پاڪستان جو ڪو تعلق نه آهي، ڀارت ۾ چونڊون ويجهو ايندي ئي فالس فليگ آپريشن ڪيا ويندا آهن.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڀارت دهشتگردي کي هٿي وٺرائي رهيو آهي، پاڪستان جا 25 ڪروڙ عوام ڀارت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهن.
سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان تي حملي جي ڪوشش ڀارت ۽ ان جي عوام لاءِ خودڪشي هوندي.