پيپلز پارٽي شروع کان وٺي مزدور طبقي جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ سرڪار مزدورن لاءِ گهٽ ۾گهٽ ماهوار اجورو 37 هزار روپيا مقرر ڪيو آهي.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت مزدورن جي حقن ۽ ڀلائي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن.
وڏي وزير چيو ته گھريلو ملازمن سميت سمورن مزدورن جي رجسٽريشن مهم شروع ڪئي وئي آهي.
هن چيو ته پيپلز پارٽي شروع کان وٺي مزدور طبقي جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري پئي، وڏي وزير پاران شڪاگو جي مزدورن جي عظيم قربانين کي ڀيٽا پيش.