شهيد بينظير ڀٽو اسٽيڊيم ۾ جلسي جا انتظام مڪمل، گھرو وزير ضياءُ الهسن لنجار جو دورو
ميرپور خاص (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي ميرپورخاص ۾ سياسي طاقت جو مظاهرو ڪندي، شهيد بينظير ڀٽو اسٽيڊيم ۾ جلسي جا انتظام مڪمل.
جلسي کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندو، سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ لنجار اسٽيڊيم جو دورو ڪري جلسي جي تيارين جو جائزو ورتو.
سندس چوڻ آهي ته جلسي ۾ پنجاهه هزار کان وڌيڪ ماڻهو شرڪت ڪندا، هو سنڌو درياهه مان 6 ته ڇا هڪ ڪئنال به ڪڍڻ نه ڏيندا.