سنڌ سرڪار پاران ماحول دوست اي وي ٽيڪسي رٿا تحت شروعاتي طور هڪ سئو ٽئڪسيز روڊن تي آڻڻ جو فيصلو
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ سرڪار پاران ماحول دوست اي وي ٽيڪسي رٿا تحت شروعاتي طور هڪ سئو ٽئڪسيز روڊن تي آڻڻ جو فيصلو.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي اي وي ٽيڪسي منصوبي بابت اجلاس ٿيو.
شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته ماحول دوست ٽيڪسي سروس شهري ماڻهن لاءِ آرامده سفر، نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا ۽ ماحولياتي آلودگي گهٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.
شرجيل ميمڻ چيو ته عورتن لاءِ خاص اي وي پنڪ ٽيڪسي پڻ شروع ڪئي ويندي، جنهن جون ڊرائيور توڙي مسافر عورتون هونديون.