پ پ پورهيتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ ساڻن گڏ آهي، قائد عوام مزدورن کي يونين سازي جو حق ڏنو: پيغام
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو ذرداريءَ چيو آهي ته پورهيت ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا.
پيپلزپارٽي پورهيتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ ساڻن گڏ آهي، قائد عوام مزدورن کي يونين سازي جو حق ڏنو، پورهيتن کي ثابت قدمي ۽ محنت تي سلام پيش ڪريون ٿا.
پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو پورهيتن جي عالمي ڏينهن تي پيغام ۾ چوڻ هو ته پيپلزپارٽي شروع کان ئي پورهيتن جي حقن لاءِ ساڻن گڏ بيٺل آهي.
بلاول ڀٽو زريداري وڌيڪ چيو ته بينظير ڀٽو وزيراعظم ٿيڻ کان پوءِ پهريون حڪم قيد مزدور اڳواڻن کي آزاد ڪرڻ جو ڏنو هو.