دستاويز ۾ ”را“ جو ڪردار وائکو، اهم دستاويز سوشل ميڊيا ايپلي ڪيشن ”ٽيلي گرام“ تي ليڪ
ممبئي (انٽرنيشنل ڊيسڪ) پهلگام فالس فليگ آپريشن ۾ ڀارتي ڳجھي ايجنسي ”را“ جو ڪردار وائکو ٿي ويو، اهم دستاويز سوشل ميڊيا ايپلي ڪيشن ”ٽيلي گرام“ تي ليڪ ٿي ويا، دستاويز پهلگام حملي ۾ ڀارتي حڪومت جي ملوث هجڻ جا به واضح ثبوت آهن.
ڊان نيوز موجب دستاويزن ۾ ڏنل هدايتن ۽ منصوبي تي عمل ۾ تضاد فالس فليگ آپريشن جو سبب بڻيو، دستاويزن ۾ هدايت ڏني وئي هئي ته پاڪستان مخالف بيانيو 36 ڪلاڪن کان پو ٺاهڻو آهي.
دستاويزن موجب انٽر سروسز انٽيلي جنس (آءِ ايس آءِ) تي اهو الزام 36 ڪلاڪن کان پوءِ لڳائڻو هو، جڏهن ته اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا فالس فليگ آپريشن جو فوري الزام پاڪستان تي لڳائي منصوبو خراب ڪري ڇڏيو.
دستاويزن ۽ تضادن مان واضح ٿئي ٿو ته ڀارتي ڳجھي ايجنسي ”را“ کي به ڪو هدايتون ڏيندو آهي.
ذريعن موجب دستاويزن جو ايئن سوشل ميڊيا تي اچڻ ”را“ ۾ موجود ”هندتوا“ مخالف سوچ جو به ڪردار لڳي ٿو.
ڀارتي حڪومت دستاويز جي سوشل ميڊيا تي ليڪ ٿيڻ جي جاچ ڪري رهي آهي. سوشل ميڊيا تي ليڪ ٿيندڙ دستاويز ۾ وڏا انڪشاف سامهون آيا آهن.
را جا دستاويز Psyops and Narrative control جي عنوان سان ۾ واضح هدايتون ڏنيون ويون آهن ته ”واقعي جو بيانيو ايئن مرتب ڪيو وڃي جو رياست سميت غير مسلمن تي حملو بڻجي اڀري.“ ان واقعي کي اڀارڻ لاءِ اهو وقت به تمام اهم هوندو.
را جي دستاويز موجب ميڊيا جي اثاثن کي 36 کان 48 ڪلاڪ پهريان واقعي جي جاءِ تي متحرڪ ڪيو ويندو، ضلعي اننت ناگ ۾ هڪ ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي، سياحن جي اچ وڃ جي نگرانيءَ بهاني خاص جاين تي پنهنجا فيلڊ آپريٽرز مقرر ڪيا ويندا.
ڀارتي ڳجھي ايجنسي جي دستاويز موجب حملي جي 2 کان 4 ڪلاڪن جي اندر آرٽيفيشل انٽيلي جنس (اي آءِ) سسٽم تحت شاهدن جا بيان ورتا ويندا، اڻ چٽن وڊيوز جي مدد سان واقعي جون تصويرون ٻيهر ٺاهيون وينديون.
را دستاويز موجب مرڪزي هيش ٽيگ بجاءِ 200 کان وڌيڪ سوشل ميڊيا اڪائونٽس ذريعي غلط ڄاڻ جي مهم هلائي ويندي، آءِ ايس آءِ تي الزام لڳائڻ جي لاءِ ٽرينڊز کي بنا ڪنٽرول جي ڦهلايو ويندو.
دستاويز موجب بحث جو رخ ڪشمير تان هٽائي عالمي اسلامي سازشن طرف موڙڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، اترين ڪمان حملي جي جاءِ ويجھو ملندڙ خطن ۽ ڪاغذن کي آءِ ايس آءِ جو ٻڌايو ويندو، اتر ڪمان فرانزڪ انداز ۾ آءِ ايس آءِ جي هٿ ٺوڪيا دستاويز ليڪ ڪندي.
را جي دستاويز موجب آپريشن ۾ آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس جي سفارتي موجودگيءَ موجب ترتيب ڏنو ويو آهي، عالمي برادريءَ کان دهشتگرديءَ جي انت جي لاءِ مدد جي اپيل به ڪئي ويندي.
ڀارت جي ليڪ ٿيندڙ دستاويز ۾ متبادل منصوبي جي نشاندهي ڪندي چيو ويو آهي ته شوپيان ۾ متبادل نظام فعال ڪيو ويو آهي، ليڪ ٿيڻ جي صورت ۾ اهو متبادل پلان طور ڪم ڪندو.