راولپنڊي، اسلام آباد، خيبرپختون خواهه، اتر پنجاب، گلگت بلتستا ۽ آزاد ڪشمير ۾ ڳڙي سان برسات جو امڪان
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ اڄ کان 7 مئي دوران تيز هوائن، انڌاري ۽ گجگوڙ سان برسات ۽ ڳڙي جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
موسميات کاتي موجب راولپنڊي، اسلام آباد، خيبرپختون خواهه، اتر پنجاب، گلگت بلتستا ۽ آزاد ڪشمير ۾ ڳڙي سان برسات پوڻ جو امڪان آهي.
ان کان سواءِ بلوچستان جي قلات، ڪوئيٽا ۽ ويجھن ضلعن ۾ گجگوڙ سان برسات جڏهن ته سنڌ جي علائقي سکر، ميرپور خاص ۽ ٿرپارڪر ۾ به انڌاري جو امڪان ڏيکاريو ويو آهي.
ٻئي طرف اين ڊي ايم اي سمورن لاڳاپيل ادارن کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته ڪنهن به امڪاني هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳ ئي قدمن کي يقيني بڻايو وڃي.