ماريل ڏوهاري تي مختلف ٿاڻن تي ڦر، ڌاڙن، اغوا ۽ قتل جا 12 ڪيس داخل آھن: پوليس
گهوٽڪي (ويب ڊيسڪ) گهوٽڪي ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ڏوهاري جي هيبت لولائي جي نالي سان سڃاڻپ، سندس لاش مرده خاني ۾ پيل.
پوليس جو چوڻ آھي ته مارجي ويل ڏوهاري مٿان مختلف ٿاڻن تي ڦر، ڌاڙن، اغوا ۽ قتل جا 12 ڪيس داخل ٿيل آھن.
رات دير سان گھوٽڪي بي سيڪشن پوليس مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي هئي.