ڳوٺ وڏا ٻوسڻ ۾ هٿياربند گوليون هڻي واحد بخش لهر کي قتل ڪرڻ بعد فرار
رتوديرو (ويب ڊيسڪ) رتيديري ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو.
رتوديرو ڀرسان ڳوٺ وڏا ٻوسڻ ۾ هٿياربند گوليون هڻي واحد بخش لهر کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا.
مقتول جي ڀائيٽي جو چوڻ آهي ته برادري جي ماڻهن سڱاوتي تڪرار جي ٿيل فيصلي ۾ ڏنڊ ڀرڻ باوجود گهر تي حملو ڪري چاچي کي قتل ڪيو ويو.