لاڙڪاڻي کان ڪراچي ايندڙ ڪوچ سان سمندري اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو
ملير (ويب ڊيسڪ) ملير جي علائقي گلشن حديد ڀرسان مسافر ڪوچ ڪلٽي، عورت سميت 4 ڄڻا فوت، 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
لاڙڪاڻي کان ڪراچي ايندڙ ڪوچ سان سمندري اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، ڪوچ هيٺان دٻيل ماڻهن کي ڪرين ذريعي ٻاهر ڪڍيو ويو.
فوتين ۾ ڪوثر، غلام فريد، عبدالغفور ۽ غلام سرور شامل، واقعي بعد فوتين ۽ زخمين جا لاش اسپتال منتقل.