پاڪستان ذميوار ملڪ ۽ آمريڪا کي به اميد آهي ته پاڪستان جاچ ۾ سهڪار ڪندو: جي ڊي وينس
واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس چيو آهي ته ڀارت کي پهلگام واقعي جو جواب اهڙي ريت ڏيڻ گهرجي جو وڏو علائقائي تڪرار پيدا نه ٿئي.
آمريڪي نائب صدر چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار ملڪ آهي ۽ آمريڪا کي به اميد آهي ته پاڪستان جاچ ۾ ڀارت سان ڀرپور سهڪار ڪندو.
هن چيو ته آمريڪا وچ ايشيا ۾ امن خراب ڪرڻ جي ڪوششن کي ناڪام بڻائيندو، ٻنهي ڌرين کي ويهي ڳالهيون ڪري مسئلو حل ڪرڻ گھرجي.