چار ڏينهن اڳ مبين سولنگي دوستن سان گڏ مقامي هوٽل تي ويو ته واپس ناهي آيو: وارث
سکر (ويب ڊيسڪ) سکر جي بئراج ڪالوني واسي نوجوان وڪيل مبين سولنگي چئن ڏينهن کان پر اسرار نموني گم، وارثن جو بازيابي لاءِ پريس ڪلب آڏو احتجاج.
نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته چار ڏينهن اڳ ڀاءُ دوستن سان گڏ مقامي هوٽل تي ويو ته واپس گهر ناهي موٽيو.
سندس ڳولا ڪندي هوٽل تي پهتاسين ته هن جي موٽر سائيڪل لاوارث حالت ۾ ملي، پوليس کي به اطلاع ڏنو آهي.