آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا
راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) جنگ مڙهڻ واري ڪنهن به ڪوشش جو يقيني ۽ فيصلائتو جواب ڏنو ويندو، ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس جو ڀارت کي واضح پيغام.
آرمي چيف جنرل عاصم منير جو چوڻ هو ته ڀارت پهلگام واقعي جي آڙ ۾ سنڌ طاس معاهدي کي نقصان پهچائي پاڪستان جو قانوني ۽ بنيادي آبي حق کائڻ چاهي ٿو.
ڪير به پاڪستان جي امن ۽ ترقي جو رستو نٿو روڪي سگهي، ڀارت جي عدم استحڪام جي ڪوششن کي قومي عزم سان شڪست ڏني ويندي.
آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ چيو ويو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج وطن جي حفاظت لاءِ پنهنجي عوام سان گڏ بيٺل آهي.