ڀارت پاڻي روڪڻ لاءِ ڪو اسٽرڪچر ٺاهيو ته ان کي تباهه ڪري ڇڏينداسين: بچاءِ وارو وفاقي وزير
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته ڀارت پاڻي روڪڻ لاءِ ڪو اسٽرڪچر ٺاهيو ته ان کي تباهه ڪري ڇڏينداسين.
بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف ڀارت کي خبردار ڪندي چيو ته سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي سولي ناهي.
پاڻي روڪڻ پاڪستان خلاف جنگ جو اعلان هوندو، معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ته پاڪستان ان اسٽرڪچر کي تباهه ڪري ڇڏيندو.
آمريڪي نائب صدر ڀارت لاءِ فيس سيونگ جي گنجائش رکي آهي، فيس سيونگ لاءِ ڪا حرڪت ٿي ته ڀارت جو مُنهن ڪارو ڪري ڇڏينداسين.