سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شهرين شهدادڪوٽ جي ڪوٽو موٽو چوڪ تي احتجاج
شهدادڪوٽ (ويب ڊيسڪ) شهدادڪوٽ ۾ وڌندڙ بدامني خلاف ايس يو پي جي سڏ تي مظاهرو ۽ ڌرڻو.
سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شهرين شهدادڪوٽ جي ڪوٽو موٽو چوڪ تي احتجاج ڪري ڌرڻو هڻي ويهي رهيا.
اڳواڻن جو چوڻ آهي ته شهرين کان مهيني اندر ڪيترين ئي موٽرسائيڪلن سميت موبائل فونز، روڪ رقم ڦر ڪيون ويون آهن.
اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته فوري طور تي ڏوهارين خلاف سخت ڪارروائي ڪري شهر ۾ بدامني کي ٻنجو ڏنو وڃي.