پاڪستان جو آئين اظهارِ راءِ جي آزادي جي ضمانت ڏئي ٿو: صدر /وزيراعظم
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ سميت سموري دنيا ۾ اڄ صحافت جي آزادي جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي.
صدر آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪستان جو آئين اظهارِ راءِ جي آزادي جي ضمانت ڏئي ٿو.
دنيا تائين حقيقتون پهچائڻ ۾ صحافين جون قربانيون تاريخ جو سنهري باب آهن، ڪوڙين خبرن ۽ غلط معلومات سبب ميڊيا جي ذميواري وڌيڪ وڌي وئي آهي.
صدر پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ وڌيڪ چيو ته اعليٰ صحافتي معيار، خبرن جي درستگي ۽ پيشه وراڻي مهارت کي برقرار رکڻ گهرجي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪرپشن جي خاتمي ۽ پوئتي پيل طبقن لاءِ آواز اٿارڻ ۾ ميڊيا جو اهم ڪردار آهي، فِيڪ نيوز جي خاتمي لاءِ ميڊيا سان گڏجي قانون سازي ڪئي آهي.