ڪشميرين کي بدترين طريقي سان بي دخل ڪيو پيو وڃي: پريس ڪانفرنس
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) ڪشميري حريت اڳواڻ مشعال ملڪ چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ماڻهن جو عدالتن کان مٿانهون قتل ڪيو پيو وڃي.
ڪشميرين کي بدترين طريقي سان بي دخل ڪيو پيو وڃي، حريت اڳواڻن کي غيرقانوني طريقي سان جيلن ۾ بند ڪيو پيو وڃي.
ڪشميري حريت اڳواڻ مشعال ملڪ جي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته آر ايس ايس دهشتگرد تنظيم آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ڀارت آبي جارحيت ڪري پيو، گڏيل قومن کي والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلم جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.