نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جو ملائيشيا جي پرڏيهي وزير سان فون تي رابطو
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پاڪستان خلاف ڀارت جي چڙ ڏياريندڙ ۽ بي بنياد الزامن کي رد ڪري ڇڏيو.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جو ملائيشيا جي پرڏيهي وزير سان فون تي رابطو.
ملائيشيا پاران موجود صورتحال تي پاڪستان جي موقف جي حمايت.
پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري ۽ قومي مفاد جي تحفظ جو پورو حق رکي ٿو.