ڏوهارين تر تپائي ڇڏيو آهي، ڦرون ۽ چوريون روز جو معمول آهن: مظاهرين
رتوديرو (ويب ڊيسڪ) رتيديري ۾ ڳوٺاڻن جو ڦر واقعي ۽ وڌندڙ بدامني خلاف احتجاجي مظاهرو، فوري طور ڦر ٿيل سامان واپس ڪرائڻ جو مطالبو.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ڏوهارين تر تپائي ڇڏيو آهي، ڦرون ۽ چوريون روز جو معمول آهن.
هنن چيو ته چوڪيدار کي هٿياربندن يرغمال بڻائي بيٽريون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري ويا، تڪڙو معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي.