شهباز شريف جاتي امرا رائونڊ پهچي وڏي ڀاءُ ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي ن ليگ صدر ميان محمد نواز شريف سان ملاقات، اهم معاملن تي ڳالهيون.
پارٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جاتي امرا رائونڊ پهتو جتي هن پنهنجي وڏي ڀاءُ ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي.
ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪ-ڀارت سرحدي ڇڪتاڻ، ملڪ جي گڏيل سياسي ۽ معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.