عباس عراقچي سينيئر پاڪستاني عملدارن سان علاقائي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪندو
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزير سڀاڻي دوري تي پاڪستان پهچندو.
عباس عراقچي سينيئر پاڪستاني عملدارن سان علاقائي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪندو.
هن ئي هفقي ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ڀارت جو دورو به ڪندو.
ان کان اڳ ايران پاڪستان ۽ ڀارت کي پهلگام واقعي تي ٽياڪڙي جي آڇ ڪري چڪو آهي.