صدر آصف علي زرداري سان چين جي سفير چيانگ زئي ڊونگ جي ملاقات
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري پاران ڀارتي حڪومت جي غير ذميواراڻن بيانن تي ڳڻتي جو اظهار.
صدر آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته ڀارتي قدمن سان علائقائي امن ۽ استحڪام کي خطرو آهي.
صدر آصف علي زرداري سان چين جي سفير چيانگ زئي ڊونگ جي ملاقات، ملاقات دوران ٻطرفن معاملن ۽ پاڪ ڀارت موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ.
چيني سفير جو چوڻ هو ته چين امن ۽ استحڪام جي ڪوششن لاءِ پاڪستان جي حمايت جاري رکندو، ٻئي ملڪ پاڻ ۾ ڀائر آهن، هميشه ڏکئي وقت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو.
چيني سفير طرفان چين ۽ پاڪستان وچ ۾ پائيدار دوستي جي عزم جو اظهار، چيني سفير پاڪستان جو موقف چين کي ٻڌائڻ تي صدر جا ٿورا مڃيا.