هندستان رات جو ڪيترن ئي هنڌن تي پاڪستاني چيڪ پوسٽن تي بنا جواز فائرنگ ڪئي
اسلام (نيشنل ڊيسڪ) ايل او سي تي ڀارت جي بنا جواز فائرنگ، پاڪ فوج جو منهن ٽوڙ جواب، ڀارتي بندوقون خاموش.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته هندستان رات جو ڪيترن ئي هنڌن تي پاڪستاني چيڪ پوسٽن تي بنا جواز فائرنگ ڪئي.
ڀارت نڪيال سيڪٽر، ڪهوئي رٽا، شاردا، ڪيل سيڪٽرز، نيلم ۽ حاجي پير سيڪٽرز ۾ ايل او سي تي بنا جواز فائرنگ ڪئي.
پاڪ فوج دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو، پاڪستان جي هٿياربند فوج دشمن جي ڪنهن به جارحيت جو مناسب جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي.