شڪايتي سيل عملو صبح 9 وڳي کان شام 5 وڳي تائين عوام جون جيلن بابت شڪايتون ٻڌندو
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ورڪس اينڊ سروسز ۽ جيل کاتي جي وزير علي حسن زرداري جيلن ۾ قائم شڪايتي سيل جو افتتاح ڪري ڇڏيو.
جيلن ۾ قائم ڪيل شڪايتي سيل ۾ قيدين جي مسئلن بابت شڪايتون نوٽ ڪرائي سگهبيون.
شڪايتي سيل جو عملو صبح 9 وڳي کان شام 5 وڳي تائين ڏنل نمبرز تي عوام جون جيلن بابت شڪايتون ٻڌندو.
جيل کاتي جي عملدارن کي شڪايت نوٽ ڪرائڻ لاءِ 3 پي ٽي سي ايل نمبر پڻ ڏنا ويا آهن.
صوبائي وزير علي حسن زرداريءَ جو چوڻ هو ته شڪايتي سيل جو قائم ٿيڻ قيدين جا مسئلا فوري حل ڪرڻ لاءِ اهم اڳڀرائي آهي.
صوبائي وزير علي حسن زرداري وڌيڪ چيو ته عوامي شڪايتن جو بنا دير ۽ اثرائتي نموني حل ڪڍڻ سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.