ايس ايس پي موڙ تي ٻن موٽرسائيڪلن وچ ۾ ٽڪر بعد جهيڙو، جوهي واسي ذاڪر جمالي مارجي ويو
دادو (ويب ڊيسڪ) دادو ۾ ٻن موٽرسائيڪلن وچ ۾ ٽڪر بعد جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل.
ايس ايس پي موڙ تي ٻن موٽرسائيڪلن وچ ۾ ٽڪر بعد جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران جوهي واسي ذاڪر جمالي مارجي ويو، جوابدار فرار.
مقتول نوجوان جو لاش اسپتال منتقل، پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي، مقتول جو ڀاءُ جو چوڻ آهي ته ڀاءُ کي جوابدارن سروٽا هڻي بيدردي سان قتل ڪيو.