9 مئي تي منجهند 3 وڳي کان شام 7 وڳي تائين چئن ڪلاڪن ۾ 39 فوجي اڏن تي حملو ڪيو ويو: اٽارني جنرل
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) فوجي عدالتن ۾ سويلينز ڪيسن بابت انٽرا ڪورٽ اپيل تي فيصلو محفوظ، هلندڙ هفتي ٻڌايو ويندو.
ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل منصور اعواڻ تفصيل پيش ڪندي ٻڌايو ته 9 مئي تي منجهند 3 وڳي کان شام 7 وڳي تائين چئن ڪلاڪن ۾ 39 فوجي اڏن تي حملو ڪيو ويو.
پنجاب ۾ 23 فوجي ٿاڪن، ڪي پي ۾ 8 ۽ سنڌ ۾ هڪ فوجي اڏي تي حملو ٿيو. 9 مئي جو سڄو واقعو منظم تياري سان ڪيو ويو، عدالت دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو.