پولنگ شام چئين وڳي تائين بنا وقفي جي جاري رهندي
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبليءَ ۾ سينيٽ جي سيٽ تي چونڊ لاءِ پولنگ جاري، پولنگ شام چئين وڳي تائين بنا وقفي جي جاري رهندي.
سنڌ اسيمبليءَ جي ايوان کي پولنگ اسٽيشن جو درجو ڏنو ويو، سنڌ اسيمبلي جي 168 ميمبرن مان 161 ميمبر ووٽ ڏيڻ جي اهل قرار.
ايوان ۾ پيپلز پارٽي جي ميمبرن جو انگ 116 ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جا 36 ميمبر ووٽ جو حق استعمال ڪندا.
پيپلز پارٽي جي وقار مهدي ۽ ايم ڪيو ايم جي نگهت مرزا وچ ۾ مقابلو، تحريڪ انصاف ۽ جماعت اسلامي سينيٽ اليڪشن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري چڪيون.
سينيٽ جي سيٽ پيپلزپارٽي جي سينيٽر تاج حيدر جي لاڏاڻي سبب خالي ٿي هئي.