70سالن کان ڪشمير جو مسئلو اڃاتائين حل ناھي ٿيو: عاصم افتخار اجلاس بعد ميڊيا کي بريفنگ
نيويارڪ (انٽرنيشنل ڊيسڪ) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل اڳواڻ عاصم افتخار چيو آهي ته ڀارت جي موجوده قدمن تي سان خطي ۾ امن ۽ سلامتي کي خطرا آهن.
پاڪستان سلامتي ڪائونسل جي هنگامي مشاورتي اجلاس ۾ پهلگام واقعي بابت ڀارتي الزام سختي سان رد ڪري ڇڏيا.
پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار اجلاس بعد ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته 70سال گذرڻ باوجود ڪشمير جو مسئلو اڃاتائين حل ناھي ٿيو.
ڳالهيون ئي مسئلي جو حل جو واحد رستو آهن، پاڪستان پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي دفاع لاءِ تيار آهي.