شر ۽ ڀٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو، ٻنهي ڌرين جي هڪ ٻئي تي فائرنگ
اوٻاوڙو (ويب ڊيسڪ) اوٻاوڙي ڀرسان رائونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ جهيڙو، هڪ ڏوهاري مارجي ويو، 2 ڄڻا زخمي.
شر ۽ ڀٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو، ڳوٺ ننڍو ڀٽو ۾ گهر تي هٿياربندن جي حملو.
فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ شر برادري جو شاهن شر مارجي ويو جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل شاهن شر مٿان 10 کان مٿي ڪيس داخل هئا، ڪجهه مهينا اڳ شهيد ٿيل ٽن پوليس اهلڪارن جي قتل ۾ ملوث هو.