پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي: انتونيو گوتريس
نيويارڪ (انٽرنيشنل ڊيسڪ) گڏيل قومن پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ٽياڪڙيءَ جي آڇ ڪري ڇڏي.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي.
ٻنهي ملڪن کي پيغام ڏنو آهي ته ڪنهن به مسئلي جو فوجي حل ڪو حل ناهي هوندو.
گڏيل قومن جو ادارو ڇڪتاڻ گهٽائڻ وارين ڪوششن جي حمايت ۽ مدد لاءِ تيار آهي، شهرين کي نشانو بڻائڻ قبولڻ جوڳو ناهي.
حملي آورن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهرجي، جنگ جو سبب بڻجندڙ ٽڪراءُ واري صورتحال کان پاسو ڪيو وڃي.