آئيني بينچ پاران ايف آءِ اي جاچ آفيسرن جي غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ غير حاضري تي ايف آءِ اي جي 3 جاچ آفيسرن جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
آئيني بينچ پاران ايف آءِ اي آفيسرن جي غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، عدالت ايف آءِ اي جي ڊي جي ۽ ڊائريڪٽر اسٽيٽ بينڪ سرڪل کي سبب ڄاڻايو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ايف آءِ اي جي جاچ آفيسرن کي ذاتي طور تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت پڻ ڪري ڇڏي.