باگڙجي ڏکيو علائقو، جان محمد مهر جي قاتل جي گرفتاري لاءِ وڏي وقت کان ريڪي هلندڙ هئي
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گهرو معاملن واري وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته شهيد صحافي جان محمد مهر جو مُک قاتل پوليس سان مقابلي ۾ مارجي ويو آهي.
هن چيو ته پوليس شهيد جان محمد مهر جي قاتل کي انجام تائين پهچايو، ايس ايس پي شڪارپور ۽ پوليس ٽيم کي شاباس ڏيان ٿو.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي گهرو وزير ضيا الحسن لنجار چيو ته باگڙجي علائقو ڏکيو آهي، شهيد جان محمد مهر جي قاتل جي گرفتاري لاءِ وڏي وقت کان ريڪي هلندڙ هئي.
هن چيو ته جوابدار شيرو مهر سان مقابلي دوران ٻيا به ڌاڙيل ماريا ويا آهن، ڪجهه ماڻهو زخمي به ٿيا آهن. جن جِي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي،
ضياءُ الحسن لنجار چيو ته پڪ سان چوان ٿو ته شيرو مهر پوليس سان مقابلي ۾ مارجي ويو آهي، تمام جلد ميڊيڪل رپورٽ به ملي ويندي.
ضياءَ لنجار چيو ته منهنجي گهرو وزير بڻجڻ کان اڳ 70 کان وڌيڪ ماڻهو ڌاڙيلن وٽ يرغمال هئا، هن وقت صرف ٽي ماڻهو ڌاڙيلن وٽ يرغمال آهن، جن کي جلد بازياب ڪرايو ويندو.